پَڻـهـارِي پـاڻيـهـاري

پَڻـهـارِي/ پـاڻيـهـاري: ٿـري محـاوري ۾ پـاڻي ڀـرڻ واري عـورت کـي’پڻهاري‘ سڏبو آهي، جنهن کي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ ’پاڻياري‘ ڪوٺيو آهي.
’پڻهاري‘ انهيءَ نالي جي نسبت سان ٿري عورتن جو مشهور لوڪ گيت آهي، جيڪو اڄ به رواج آهي. ٿر ۾ وسڪاري جي مُند ۾ تل ترايون ۽ کڏون کوٻا تار ٿي ويندا آهن ۽ اهڙيءَ خوشگوار موسم ۾ ٿريليون خوب هار سينگار ڪري، ٽولن جي صورت ۾، پاڻي ڀرڻ لاءِ دلا مٿي تي کڻي، ڪنهن ويجهي پنڌ تان مسرت وچان گيت آلاپينديون وينديون آهن. سندن گيت سريلي آواز ۾ اهڙا لطف ڏيندڙ ٿيندا آهن، جو واٽهڙو به بيهي ويندا آهن، موقعي جي مناسبت سان هن گيت کي ”پڻهاري گيت“ سڏيو ويندو آهي، هن گيت جي اها حيثيت آهي، جيڪا ”بادَلِيئي“ ۽ ”چؤماسي“ جي گيتن کي آهي. هن گيت جو مضمون به لڳ ڀڳ مٿين گيتن جهڙو ئي آهي. جنهن ۾ مجازي محبت جو بيان هوندو آهي. ٿر ۾ هن گيت کي عام گيتن کان منفرد حيثيت حاصل آهي. ڇاڪاڻ ته هن ۾ عورت اندر جي اونهاين مان، پنهنجي وڇڙيل وَرَ جي اُڪيرَ ۾ محبت جا پيغام موڪلي کيس ياد ڪندي آهي. ٿر کان سواءِ سنڌ جي ٻين ڳوٺن، واهڻن ۽ وَسين ۾ به عورتون هن گيت کي وڏي چاهه سان ڳائينديون آهن، خاص ڪري کوهن تي ويندي، نوان ويس وڳا پهري، هار سينگار ۽ تيل ڦليل ڪري، وڏي لاڏ ڪوڏ وچان دلا کڻي تڙن ۽ تلائن ڏانهن ايندي ويندي،”پڻهاري“ گيت ڳائينديون آهن. پڻهاري گيت نموني طور ڏجي ٿو:
سَـــتــان سهـيلـيـان رو جھولرو،
پڻهاري هالو.
ست سهيليون گڏجي تلاءَ تي ويون آهن .
۽ هيءَ گورل پڻ تلاءَ تي وئي آهي .
ســتـان ري ڪـجـل ٽـڪـــڙا،
پڻهاري ها لو.
ستن ئي کي ڪجل جا ٽِڪڙا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو